الهورايو بوزدار

الهورايو بوزدار

الهورايو بوزدار

الهورايو بوزدار: مشھور صحافي الھورايو ولد عبدالفتاح (عرف غلام نبي) بوزدار 7 ڊسمبر 1978ع تي ڳوٺ ماٿيلي مومل جي ماڙي، تعلقي گهوٽڪيءَ ۾ ڄائو. سندس والدين تعلقي رتي ديري، ضلعي لاڙڪاڻي مان لڏي آيا هئا. سندس تعليم ايم. اي (سوشيالاجي) ۽ ايل.ايل.بي آهي. هن ادبي زندگي جي شروعات ’گل‘ ۽ اردو رسالي’هونھار‘ ۾ٻارڙاڻيون ڪھاڻيون لکڻ سان ڪئي. اڳتي هلي هن ’عبرت مئگزين‘، روزاني ’پُڪار‘، ’سرواڻ‘، ’عوامي آواز‘ ۽ ٻين اخبارن ۾ شاعري ۽ سياسي سماجي موضوعن تي ڪالم لکيا. صحافت جي شروعات هفتيوار رسالي ’ويچار‘ ۾ ضلعي رپورٽر طور ڪئي. بعد ۾ روزاني ’سنڌ‘ ۽ ’ڪوشش‘ گهوٽڪي ضلعي جو رپورٽر مقرر ٿيو. 1999ع کان ’ڪاوش‘ جي ضلعي رپورٽر طور، ’ڪي.ٽي.اين‘ ۽ ”ڪي ٽي اين نيوز “سان لاڳاپيل رهيو آهي. 1990ع کان انساني حقن جي عالمي تنظيم HRCP سميت ٻارن ۽ عورتن جي حقن لاءِ ڪم ڪندڙ تنظيمن سان گڏ ڪم ڪندو رهيو آهي. HRCP جي رسالي”جھد حق“جي لاءِ انساني حقن جي ڀڃڪڙين جون خبرون به موڪليندو رهيو. 1999ع کان 2005ع تائين HRCP ضلعي گهوٽڪي جو ڪوآرڊينيٽر رهيو. ان دوران پريس ڪلب جو صدر ۽ جنرل سيڪريٽري، ايسوسيئشن آف ٽي. وي جرنلسٽس گهوٽڪيءَ جو صدر، عورت فائونڊيشن جي جدوجھد ڪاميٽي،”سٽيزنس ايڪشن ڪاميٽي“، ”چائلڊ رائٽس ڪميٽي“،”ماٿيلو سوشل ويلفئير ايسوئيشن“، ”مھراڻ ريسورس ڊولپمينٽ آرگنائيزشن جو صدر ۽ ”رورل ڊولپمينٽ آرگنائيزيشن جي ڪوآرڊينيٽنگ ڪائونسل“ جي بورڊ جو ميمبر ۽ سنڌ گريجوئيٽس ايسوسئيشن شاخ، گهوٽڪي جي مئنجمينٽ ڪاميٽي، ٻالڪ ادبي فورم سنڌ جو باني ميمبر، سنڌي ادبي سنگت شاخ، گهوٽڪي جو ميمبر ۽ ماڙي شاخ جو سيڪريٽري پڻ رهي چڪو آهي. انساني حقن لاءِ جدوجھد ڪرڻ تي آمريڪا جي بين الاقوامي اداري کيس ”Ashoka Enterprisers Arlingtiner فيلو شپ“ جو اعزاز ڏنو. اداري طرفان هانگ ڪانگ ۾ ”ايشيشن هيومن رائٽس ڪميشن“ جي ڪارڪنن جي سکيا جي لاءِ منعقد ٿيل ڏهن ڏينھن واري سمر ڪئمپ ۾ پڻ شريڪ ٿيو. کيس علمي ادبي، سياسي، سماجي، صحافتي سفر ۾ مختلف ادارن پاران اوارڊ مليا، جن ۾: ’هيومن رائٽس ڪميشن‘، ’انٽر نيوز‘، ’پاڪستان پريس فائونڊيشن‘ ۽ ڊيموڪريٽڪ ڪميشن فار هيومن ڊولپمينٽ لاهور شامل آهن. ان کان علاوه 2010ع جي ٻوڏ ۾ ڪوريج ڪرڻ تي گهوٽڪي جي ڊپٽي ڪمشنر طرفان کيس ’بيسٽ رپورٽر‘ جو اوارڊ ڏنو ويو. سندس ڪالمن جو مجموعو ”پپل چوڪ“ شايع ٿيل آهي.


هن صفحي کي شيئر ڪريو

داخلا ۾ استعمال ٿيل تاريخون

1978.12.07  عيسوي

مشھور صحافي الھورايو ولد عبدالفتاح (عرف غلام نبي) بوزدار 7 ڊسمبر 1978ع تي ڳوٺ ماٿيلي مومل جي ماڙي، تعلقي گهوٽڪيءَ ۾ ڄائو.



صحافي - ڀاڱي جون ٻِيون داخلائون

حيات بلوچ
علي محمد شيخ
حاجي محمود هالائي
عبدالرحمان قاضي1
اعجاز عليم عقيلي
برڪاتي مسعود احمد
زيڊ اي شيخ
آفتاب احمد خانزاده
جاويد ڀٽي
عبدالرحيم صابر
صحافي ڀاڱي جا وڌيڪ مضمون